نئين دهلي (م ڊ) ڀارت چناب درياءَ ۾ وري پاڻي ڇڏي ڏنو، ٻوڏ جو وهڪرو اچڻ سبب جهنگ جا 30 کان وڌيڪ  ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، ڳوٺن جي متاثرن محفوظ ويجهن آبادين ڏانهن لڏپلاڻ شروع ڪئي آهي، هنزه ۽ نگر ۾ برسات پئي، جنهن بعد ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، ٻوڏ جي وهڪري سان سڪندرآباد ۾ شاهراهه قراقرم بند ٿي وئي، حسن آباد نالي ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ اضافو ٿي ويو ۽ عارضي طور پل کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو،نگر ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب سرڪاري عمارت متاثر ٿي، سوابي ۾ تيز برسات سان هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.