اسلام آباد(م ڊ) موسميات کاتي اربع کان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ جبلن تي برفباري جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي موجب اربع 11 جنوري کان جمعي 13 جنوري تائين ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ برساتن ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب اڱاري کان مغربي هوائون اتر بلوچستان جي علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن جيڪي 11 تاريخ اربع کان ملڪ جي مٿانهين علائقن تي اثرانداز ٿينديون ۽ ان ڏينهن ڪوئٽه، زوب، بارکان، زيارت، نوڪنڊي، دالبدين ۾ برساتون پونديون. موسميات کاتي موجب 11 کان 13 جنوري دوران مري، گليات، ڪشمير ۽ گلگلت بلتستان ۾ برفباري جو امڪان آهي. چترال، دير، سوات، مالاڪنڊ، ڪوهستان، مانسهره ۽ ايبٽ آباد ۾ به برساتن ۽ برفباري جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب اسلام آباد، چارسده، باجوڙ، ڪرم، وزيرستان، ڪوهاٽ، بنون، ڪرڪ ۾ به برساتون پونديون جڏهن ته سرگوڌا، ميانوالي، خوشاب، ڀڪر، ليه، فيصل آباد، جهنگ، گوجرانوالا، گجرات، حافظ آباد، سيالڪوٽ، نارووال، شيخوپوره، ننڪانه صاحب، قصور، ساهيوال ۽ لاهور ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات پوندي. موسميات کاتي موجب پنجاب ۽ اتر سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪوهيڙو رهندو. جڏهن ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران مختلف علائقن ۾ موسم ٿڌي رهندي. موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران دير، چترال، سوات، ڪوهستان، ايبٽ آباد، مانسهره ۽ بونير ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي. سنڌ جي علائقن سکر، لاڙڪاڻو، حيدرآباد ۽ موهن جو دڙو ۾ به ڪوهيڙو پوندو. بلوچستان جي اترين ضلعن ۾ موسم ٿڌي ۽ جهڙالي رهندي.