ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص لڳ پبلڪ اسڪول واري علائقي ۾ ڊي ايف سي مٺي امجد ميمڻ جي بند پيل چڪي تي ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص زين العابدين ميمڻ ڇاپو هڻي وڏي تعداد ۾ نوابشاهه ۽ ميرپورخاص ڊويزن جي ليبل لڳل ڪڻڪ ھٿ ورتي، ھڪ پاسي سستو اٽو وٺڻ لاءِ پورھيت پنھنجون زندگيون وڃائي رھيا آھن ته ٻئي پاسي فوڊ کاتي جا ڪامورا پنھنجن گودامن ۽ چڪين ۾ ھزارين مڻ ڪڻڪ ذخيرو ڪري منافعو ڪمائي رھيا آھن.