واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا ۾ ڪوئين آف ڪيوبا يعني ڪيوبا جي راڻي طور مشهور ڪيوبا جي جاسوس اينا مونٽيس کي سزا پوري ڪرڻ تي آمريڪا جي جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي. هن 1985ع کان 2001ع تائين جاسوسي ۾ ڪامياب ڪيريئر جوڙيو. کيس گرفتار ڪرڻ بعد 2002ع ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. کيس 20 سال قيد جي سزا ملي جيڪا پوري ڪري آزاد ٿي چڪي آهي.