وزير اعظم طرفان ٻوڏ متاثرن جي مدد نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، لاڳاپيل آفيسر معطل: متاثرن لاءِ فوري معاوضي جو اعلان

0
243
بلوچستان: وزيراعظم پاران ٻوڏ

وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي برسات ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ امداد ۽ معاوضن جو اعلان ڪيو آهي، شهباز شريف چيو آهي ته فوت ٿيلن جي وارثن کي 20-20 لک روپيا ڏنا ويندا

وزيراعظم شهباز شريف ڪوئيٽا، قلعه عبدالله، چمن ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪري متاثرن سان ملاقاتون به ڪيون، جنهن دوران متاثرن ڪا به امداد نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون

وزيراعظم متاثرن کي کاڌو نه ملڻ  تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جڏهن ته وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو وزيراعظم جي موجودگي ۾ ڊي سي ۽ ٻين عملدارن کي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو

بلوچستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ دوران 47 ٻارن سميت  136 ڄڻا فوت

بلوچستان ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ دوران 47 ٻارن سميت  136 ڄڻا فوت، مختلف حادثن ۽ واقعن دوران 70 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

پي ڊي ايم اي بلوچستان ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا، رپورٽ موجب برساتن سبب 13 هزار 535 گهرن کي نقصان پهتو، 3 هزار 406 گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا

رپورٽ موجب ٻوڏ دوران 16 پلون لڙهي ويون، 640 ڪلوميٽرز رستن کي نقصان پهتو، ٻوڏ جي وهڪرن ۾ 23 هزار ڍور به لُڙهي مري ويا، هڪ لک 98 هزار ايڪڙن تي پوکيل فصلن کي  به نقصان پهتو

بلوچستان حڪومت جي ترجمان جو عجيب منطقآمريڪا ۾ به طوفان ايندا آهن

بلوچستان حڪومت جي ترجمان فرح عظيم شاهه جو صوبي ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين بابت بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا ۾ به طوفان ايندا آهن ۽ امدادي ڪارروائين ۾ وقت لڳندو آهي

فرح عظيم شاهه چيو ته وزيراعظم ٻه ڀيرا صوبي جو دورو ڪري چڪو آهي، آرمي چيف به رابطي ۾ آهي، بلوچستان ۾ ريسڪيو آپريشن گهڻي حد تائين مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ رليف آپريشن جاري آهي

هن چيو ته طوفاني برسات ۽ ٻوڏ جي وهڪرن بعد بند ٿي ويل ڪراچي-ڪوئيٽا شاهراهه کولي وئي آهي، بلوچستان جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين

ھي به پڙھندا

بلوچستان ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ دوران 47 ٻارن سميت 136 ڄڻا فوت