حيدرآباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ صاحبزاده شبيرالحسن انصاري پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته قانون کان پري فيصلا عدالتي بدنامي جو سبب بڻجي رهيا آهن. سپريم ڪورٽ جي سينيئر ججن جونئير ججن جي مقرري خلاف آواز اٿاريو آهي. جوڊيشل ڪميشن پوري قوم کي شرمنده ڪيو آھي. هن چيو ته آئين ٽوڙيندڙن خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي. پي ٽي آءِ خلاف داخل فارن فنڊنگ ڪيس هليو ۽ ان جو فيصلو محفوظ ڪيو ويو. اهو فيصلو ڪڏهن ٻڌايو ويندو. هن چيو ته پاڪستان اسلامي ملڪ آھي. عمران خان کي اسرائيل ۽ ڀارت مان فنڊنگ ٿي ۽ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ ماحول جوڙيو ويو.