ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو  چيو آهي ته ڪراچي واسين جو وڏ مسئلو پيئڻ جو صاف پاڻي آهي، هن وزيراعظم کي مخاطب ٿي چيو ته ملڪ جو پرڏيهي وزير هجڻ باوجود بلاول هائوس ۾ پائيپ لائين ذريعي پاڻي نٿو اچي، آئون ٽينڪرن ذريعي پاڻي خريد ڪريان ٿو، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته  ڪراچي کي پاڻي فراهمي لاءِ شهباز اسپيڊ جي ضرورت آهي، جنهن جي موٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته  جيڪو شهر وڌيڪ ٽيڪس ڏئي ٿو، اتي پاڻي تي سياست صحيح ناهي