ڪراچي: پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو رياستي بالادستي برقرار رکڻ ۽ جمهوري نظام کي اڳتي وڌائڻ تي زور ڏيندي چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن جناح هائوس لاهور کي باهه ڏيندڙ، شهيدن جي يادگارن کي ڊاهيندڙ ۽ فوجي تنصيبات تي حملا ڪندڙن کي نظر انداز ڪيو ويو ته هن ملڪ کي هلائڻ مشڪل نه پر ناممڪن بڻجي ويندو. ڪالهه هتي ڪي فور رٿا جي افتتاحي تقريب کي خطاب دوران هن سوال اٿاريندي چيو ته جيڪڏهن 9 مئي واقعي جي سازش بلاول هائوس، رائونڊ يا نائن زيرو ۾ ٺهي ها ته ردعمل ڇا هجي ها؟  ڪراچي جي مسئلن جي حل جي حوالي سان هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت پنهنجي طاقت ۽ صلاحيت موجب ڪراچي تي ڌيان ڏئي ته نه رڳو آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو پر پوري قوم کي پيرن تي بيهاري سگھجي ٿو. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري ڪيل بيان موجب پ پ چيئرمين چيو ته هن سال مارچ ۾ جڏهن پوليس عدالت جي نوٽيس جي تعميل لاءِ وئي هئي. ته زمان پارڪ ميدان جنگ ۾ تبديل ٿي ويو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ دوران به ماڻهو هٿيارن سان گڏ هلي رهيا هئا پر حڪومت ڪارروائي نه ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم چاهي ها ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۽ القادر ٽرسٽ ڪيس جي بنياد تي پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائي پي سگهي پيو پر اسان نه ٿي چاهيو ته سياسي انتقام جو تاثر وڃي ۽ هڪ خراب مثال قائم ڪئي. هن چيو ته مستقبل جي تاريخ ٻڌائيندي ته هتي هڪ پاڪستان هو يا ٻه پاڪستان آهن،  واپڊا جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي پرڏيهي وزير وزيراعظم شهباز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو ته واپڊا ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ غير مقبول ادارو آهي، جنهن سبب اسان جا ايم اين اي ۽ ايم پي اي تڪن ۾ نٿا وڃي سگهن. ڪي فور منصوبي جي سست رفتاري تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي هن چيو ته جڏهن کان قائم علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير هو، ان زماني کان هن منصوبي تي ڪيترائي ڀيرا بريفنگ ڏني وئي آهي. هن چيو ته ٻوڏ سٽيلن جي بحاليءَ جو ڪم ان رفتار سان نه ٿي رهيو آهي، جنهن رفتار سان ٿيڻ گهرجي ها، متاثرن جي گهرن جي تعمير واري منصوبي ۾ وفاقي حڪومت جي سهڪار جي ضرورت آهي. هن چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ ۾ پاڻي نيڪال جو نظام (ڊرينيج سسٽم) آڻڻو پوندو. هن چيو ته وزيراعظم کي سنڌ جي ٻن وڏين پارٽين جي حمايت حاصل آهي، اسان سڀ گڏجي ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻ چاهيون ٿا.