بدين ۾ مڪاني چونڊ جون سرگرميون: پ پ ۽ مرزا گروپ ۾ سخت مقابلو، وارڊ 11 اهميت اختيار ڪري ويو

0
392
بدين ۾ مڪاني چونڊ جون

بدين(رپوٽ: شفيع جوڻيجو) مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ بدين جا  58 هزار کان مٿي ووٽر بدين ميونسپل ڪميٽي جي 14 وارڊن تي 118 اميدوارن جي قسمت جو فيصلو ڪندا. ان ڏس ۾ مختلف سياسي پارٽين ۽آزاد اميدوارن پنھنجون چونڊ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن

2015 جي مڪاني چونڊن ۾ بدين شهر جي سڀني 14 ئي وارڊن تي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي حمايت يافته آزاد اميدوارن پيپلز پارٽي کي بري شڪست ڏني هئي

ھن وقت بلدياتي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي ۽ مرزا گروپ ھڪ ٻئي جا حمايتي ٽوڙڻ واري مقابلي ۾ آھن جنھن جي ڪري مرزاگروپ جا اڳوڻا ڪائونسلر مرزا کي ڇڏي پ پ جي ٽڪيٽ حاصل ڪري چڪا آھن ته انھن جي ڪري پيپلز پارٽي جي پراڻن ڪارڪنن جي ڊي اي يا مرزا گروپ ۾ شامل ٿي ٽڪيٽون ورتيون آھن، يا وري پراڻن جيالن کي ٽڪيٽ نه ملڻ جي ڪري ڪيترائي آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ مقابلي لاء ميدان ۾ لٿل آھن، جنھن جي ڪري گھڻن وارڊن تي پ پ ٽو پ پ جي سامھون مقابلا ٿي رھيا آھن

عوام جو نظرون وارڊ نمبر 11 جي نتيجي تي کتل آھن، ڇو ته انھي وارڊ تي وڏي وزير جي خاص صلاحڪار پير نورﷲ قريشي جو ننڊوڀاءُ پ پ پ جي ٽڪيٽ تي کٽي اچڻ جي صورت ۾ ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين جو اميدوار آهي. پير محمد صالح قريشي ۽ جي ڊي اي ۽ مرزا گروپ جو اميدوار عبدالڪريم سومروھڪٻئي کي آمهون سامهون آهن

وارڊ 14 تي پ پ جي ايم پي اي حاجي تاج محمد ملاح جي حمايتي واپاري اڳواڻ اڪبر ميمڻ جو مقابلو جي ڊي اي ۽ مرزا گروپ جي اڳوڻي ڪائونسلر رياض ميمڻ ۽ خواجا برادري جو حمايت يافتا آزاد اميدوار شيراز خواجا ۽ وارڊ نمبر 12 تي پ پ جو اميدوار جوڻيجا برادري جو معزز وڏيرو علي شير جوڻيجو۽ جي ڊي اي مرزا گروپ جو اڳوڻو ڪائونسلر لونگ خاصخيلي ۾ مقابلو آھي جتي وڏيرو علي

شير جوڻيجو کي جوڻيجا برادري ڪشميري برادري چانڊيابرادري سميت مختلف برادرين جي مڪمل حمايت آھي
ھوڏانھن وارڊنمبر 7 تي پ پ پاران گوپانگ برادري جو سردار عاشق گوپانگ ۽ جي ڊي اي مرزا گروپ جو سليم بجير ۽ سنڌيونائيٽيڊ پارٽي جو ماجد انصاري ۾ مقابلو آھي

وارڊ نمبر 5 تي پيپلز پارٽي پاران مرزا گروپ مان اڳوڻو ڪائونسلر تازو پ پ ۾ شامل ٿيندڙ گلزار ميمڻ جو آزاد اميدوار حاجي محمد رحيم اڊيجو سان چوٽي جي مقابلي سميت بدين جي 14 وارڊن تي اميدوارن ۾ سخت مقابلا آھن، شهر جي 14 وارڊن لاء 40 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيون ويون آهن

  ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر اظهر حسين ٽانوري جو چوڻ آهي ته ميونسپل ڪميٽي جي 14 ئي وارڊن تي صاف شفاف اليڪشن لاءِ انتظامن کي آخري شڪل ڏني وئي آهي سيڪورٽي جا انتظام مڪمل آهن