بدين (رپورٽر) بدين ميونسپل ڪاميٽي جي ملازم جي گهر تي حملو، سندس زال ۽ ٻارن تي  تشدد، ملازم جو ٻارڙن سان گڏ انصاف لاءِ احتجاج، ان ڏس ۾  ميونسپل ڪميٽي جي فائر برگيڊ تي ڪم ڪندڙ ملازم بلاول چانگ پنهنجي معصوم زخمي ٻن ٻارڙن سان  احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته سندن غير موجودگي ۾ مخالفن گهر ۾ داخل ٿي معصوم پٽ رمضان ۽ گهر واري  تي تشدد ڪري کين رتورت ڪري ڇڏيو، پوليس دانهن نه ٿي ٻڌي، انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.