لاڙڪاڻو/رتوديرو/ ڏوڪري (نمائندن وٽان) گسٽا ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر جي ايم ابڙو جي گرفتاري خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. لاڙڪاڻي ۾مختلف اسڪولن جي ماسترياڻين ۽ شاگردياڻين ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري پريس ڪلب سامهون ڌرڻو هنيو. مريم عباسي، ناهيد چانڊيو، رخسانه سيال، گلشن ٻگهيو، زڪيه ٻگهيو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته  گسٽا ضلعي صدر جي ايم ابڙو مٿان وليد ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪوڙو ڪيس داخل ڪري کيس بيگناهه گرفتار ڪيو ويو آهي. گسٽا تعلقي رتوديرو جي صدر سيف الله ابڙو ، قربان گهانگهرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. ڏوڪري، موهن جو دڙو، ٻلھڙيجي، ڪاراڻي، سھيڙ، ويهڙ ۽ ٻين هاءِ اسڪولن جي گسٽا اڳواڻن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ريلي ڪڍي ڏوڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.