اڏيرو لال اسٽيشن  (ن پ ا) اڏيرو لال وليج، اڏيرو لال اسٽيشن، ڀائو خان پٺاڻ، نوبت مري، طاهر هنڱورو، پليجاڻي ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ سرنهن جو فصل پچي  تيار ٿي مارڪيٽ پهچي ويو. واپارين موقعي جو فائدو وٺندي اگھ ڪيرائي ڇڏيا آبادگارن ۽ هارين جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن. زميندارن افضل حسين گھانگھلو، عبدالسلام گھانگھلو،  گيانچند ، ممتاز کوسو ۽ ٻين پنهنجي اخبار  سان ڳالهائيندي چيو ته برسات سبب زمين جو ڪافي حصو پاڻي هيٺ آهي جيڪا زمين پوکڻ جهڙي هئي ان ۾ سرنهن جو فصل پوکيو آهي ڪافي خرچن باوجود ايوريج به ٿورو لٿو آهي ۽ واپارين اگھ به پنهنجا من پسند مقرر ڪري ڇڏيا آهن  فصل لهڻ کان اڳ سرنهن جي في مڻ جو ريٽ 10 هزار کان به مٿي هو پر جڏنهن کان سرنهن جو فصل مارڪيٽ ۾ پهتو آهي ته واپارين پاڻ ۾ هڪ هٽي قائم ڪري سرنهن جو ريٽ گهٽائي  5 هزار کان 6 هزار مقرر ڪري ڇڏيو آهي هنن جو چوڻ هو ته اسين پنهنجو تيار ٿيل فصل کڻي مارڪيٽ اچون  ٿا ته واپاري هزار بهانا بڻائي ريٽ گهٽ ڪريو ڇڏين سرنهن سڪل ناهي اڳيان ريٽ گهٽ ٿي ويا آهن ڪڏنهن چون ٿا سرنهن جو داڻو ننڍو آهي  هنن جو چوڻ هو ته هٿ وٺي ڪري ريٽ گهٽ ڪيا ويا آهن  هنن اعلي  انتظاميان ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو  ڪيو آهي نوٽيس وٺي مناسب اگه ڏنا وڃن  ۽ ڪٽوتي جو پڻ نوٽيس ورتو وڃي.