لاهور (م ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته بجيٽ آساني سان پاس ٿي ويندي، ڪابه ڏکيائي نظر نه اچي رهي آهي. لاهور ۾ ريلوي اسٽيشن تي صحافين سان ڳالهائيندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته سياسي جماعتن ۾ مسئلا ۽ اختلاف ٿيندا رهندا آهن پر بجيٽ آساني سان پاس ڪرائي وٺنداسين. هن چيو ته جيڪڏهن اپوزيشن ساٿ نه ڏيندي ته سڌارا ڪيئن ٿيندا؟ اپوزيشن اچي صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ پنهنجون تجويزون ڏئي، بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن، مزدورن ۽ عوام کي وڏو رليف ملندو. اسپيڪر چيو ته خواهش آهي ته ريلوي ترقي جي سفر ۾ اڳتي وڌي، ايم ايل ون منصوبي سان ريلوي کي نئين زندگي ملندي.