لاهور (م ڊ) پنجاب حڪومت مالي سال 2020-21ع ۾ لاهور لاءِ رکيل ترقياتي بجيٽ استعمال ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، صوبائي حڪومت بجيٽ جو صرف 45 سيڪڙو خرچ ڪري سگهي، مختص رقم هڪ ارب 35 ڪروڙ رپين مان صرف 75 ڪروڙ 25 لک رپيا خرچ ڪيا ويا، 101 ترقياتي اسڪيمن مان تقريبن 25 سيڪڙو رٿائون مڪمل ٿي سگهيون آهن.