ماتلي/ڪڙيوگهنور/غلام شاهه موري (نمائندن وٽان) پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته پ پ سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيداڪئي آهي، بحريا ٽائون جو آنر آصف زرداري، بلاول، مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ آهن، ڪڙيو گهنور، ماتلي ۽ غلام شاهه موري ۾ صحافين سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ وڌيڪ چيو ته پاڻي چوري جي نالي تي صوبن وچ ۾ افراتفري پيدا ڪئي پئي وڃي، سنڌ ۾ سرڪاري زميندارن کي پاڻي ملي رهيو آهي ۽ غيرسرڪاري آبادگارن کي پاڻي نٿو ملي، هن چيو ته سنڌ سرڪار پاڻي تي ته احتجاج ڪرائي پئي پر سنڌ جي اسپتالن ۾ دوا جي کوٽ، تعليم جي تباهي ۽ ٻين مسئلن تي احتجاج ڇو نه ٿي ڪري؟