باڊھه (ن پ ا) باڊھه ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ هزارين ايڪڙن تي پوکيل ساريالو فصل ٻڏي تباهه ٿي چڪو آھي، جڏهن ته ٿورڙي ايراضي تي بيٺل ساريالو فصل برساتي ٻوڏ کان ته بچي ويو آھي پر سنڌ سرڪار طرفان سرڪاري اگهه مقرر نه ڪرڻ سبب واپاري آبادگارن کان ساريون گهٽ اگهه تي خريدي ڪرڻ لڳا آھن، ان حوالي سان آبادگارن معشوق ٽاٽڙي، اختيار جهتيال ، عاشق هسباڻي، نواب شيخ ۽ ٻين ٻڌايو ته ٻوڏ سبب ڏوڪري تعلقي جي 80 سيڪڙو زرعي زمين تي پوکيل ساريالو فصل تباهه ٿي چڪو آھي، جيڪو بچي ويو آھي ان فصل ۾ هاڻي سٽ شروع ٿي چڪي آھي پر واپارين طرفان گهٽ اگهه تي ساريون خريد ڪرڻ سان کين نقصان ٿئي ٿو، هنن چيو ته هنن مطالبو ڪيو ته سارين جو سرڪاري اگهه 2000 کان 2500 سئو في مڻ مقرر ڪيو وڃي.