ٺٽو ( رپورٽر ) پي ايف يو جي پاران اين اي ڊي ۽ انٽرنيشنل جرنلسٽ فورم جي سھڪار سان چئلنجز ۽ موقعا، فري لانس صحافي کي درپيش خطرن جي سلسلي ۾ سيمينار ٺٽي ۾ منعقد ڪيو ويو. جنھن کي خطاب ڪندي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنسلٽ سنڌ جي نائب صدر سينئر صحافي سعيد جان بلوچ، ڪراچي يونين آف جرنسلٽ جي سينئر صحافي حسن عباس، شاھد غزالي، شيربانو ۽ ٻين چيو تہ ننڍن ننڍن شھرن ۾ صحافين کي ڪيترائي مسئلا درپيش ھجن ٿا، فري لانس صحافي لاءِ اداري ۽ تنظيم سان وابستگي ھجڻ ضرور آھي. ادارا پاڻ تہ ڪمائين ٿا پر علمي پورھيو ڪندڙ صحافين جي ڪا بہ مدد نٿا ڪن جيڪو الميو آھي، ھنن چيو تہ صحافين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پي ايف يو جي ڪم ڪري رھي آھي، صحافين جا تربيتي ورڪشاپ ڪرايا ويندا جيئن صحافي پيشواراڻي ذميوارين بابت بھتر نموني ڄاڻ حاصل ڪري آساني سان ڪم ڪري سگھن. ورڪشاپ کي پريس ڪلب ٺٽو جي صدر اقبال جاکرو، سينئر صحافين ڊاڪٽر شاھد صديقي، اسماعيل ميمڻ، مڪلي پريس ڪلب جي صدر احمد خشڪ، نظير جاکرو، حافظ مشتاق ميمڻ ۽ ٻين چيو تہ وڏن وڏن شھرن ۾ ھر روز پروگرام ٿين ٿا پر ننڍن ضلعن ۾ ان سطح جا پروگرام نٿا ٿين ، ھنن چيو تہ وڌيڪ تربيتي ورڪشاپ ڪرايا وڃن، جيئن صحافي وڌ کان وڌ ڄاڻ حاصل ڪري سگھن.