قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ويجهو ڪچي واري علائقي ڳوٺ ولي محمد جتوئي واسي لاڙڪاڻي مان پرڻجي آيل عورت افسانا سومرو ساهرن جي مبينا زيادتين کان تنگ اچي تحفظ لاءِ مرزاپو ٿاڻي تي پھتي، هن چيو ته سندس ساھران تشدد ڪن ٿا ۽ مائٽن سان ملڻ نه ٿا ڏين، وجھه وٺي گهران نڪري ٿاڻي تي پهتي آھيان، عورت جي ساهرن جو چوڻ آهي ته عورت جو ذھني توازن درست ناهي، جنهن سبب گھران نڪري وئي آھي، مٿس ڪو به تشدد  ناهي ڪيو.