باڊھه ( ن پ ا ) تعلقا مومينٽ جي سڏ تي باڊھه کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ شھرين پاران ٽائون هال کان پريس ڪلب تائين علي زهري، محمد علي خشڪ، دودو ديشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.اڳواڻن جو چوڻ هوته باڊھه شهر ڪاروباري حيثيت سان گڏ 14 وارڊن تي مشتمل آھي ۽ ھن وقت شھر جي 43 هزار جي لڳ ڀڳ آدمشماري آھي ۽ رجسٽرڊ ووٽن جو تعداد 18 هزار جي لڳ ڀڳ هئڻ سان گڏ هڪ وڏي پسگردائي رکندڙ شھر پڻ آھي.  هنن وڌيڪ چيو ته حڪمران سکڻا دلاسا ڏئي رهيا آھن  ته جلد باڊھه کي تعلقي جو درجو ڏنو ويندو پر ان تي به عمل نه ٿي سگهيو آھي، هنن چيو ته جيڪڏھن باڊھه کي تعلقي ۽ ميونسپالٽي جو درجو نه ٿو ڏنو وڃي ته باڊھه  واسي پ پ جي اميدوارن کي جيئن  بلدياتي اليڪشن ۾ بري طرح شڪست ڏني هئي هاڻ عام چونڊن ۾ پڻ پ پ کي ووٽ نه ڏئي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا.  هنن گهر ڪئي ته باڊھه کي تعلقي ۽ ميونسپالٽي جودرجو ڏئي فوري طور نوٽيفڪيشن جاري ڪري باڊھه واسين جو پراڻو مطالبو پورو ڪيو وڃي.  ٻئي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.