باڊھه (ن پ ا ) باڊهه راڌڻ روڊ تي ڳوٺ بگي وٽ دادو ڪئنال تي اڏيل پل جو هڪ حصو ڊهي پٽ پئجي ويو. موهن جو دڙو کان باڊهه ۽ راڌڻ روڊ  تي هلندڙ ٽرئفڪ سخت متاثر ٿئي ٿي، جڏهن ته پل جي زبون حالي سبب ڪنهن وقت به ڪو وڏو حادثو پيش اچي سگهي ٿو، هوڏانهن علائقي واسين عبدالجبار ابڙو، غلام بشير بروهي ، غلام الرسول، شمن مسڻ، عبدالستارساريو۽ ٻين بگي پل تي احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو  ته ٽٽل پل وٽان حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، هيءَ پل موهن جو دڙو ، لاڙڪاڻو ۽ ٻين شھرن کي ڳنڍي ٿي پر ڪافي وقت کان زبون حالي جو شڪار آھي جڏهن ته ايئرپورٽ روڊ هجڻ ڪري هن پل تان سنڌ جي وڏي وزير جو پڻ ڪافي ڀيرا گذر ٿيو آھي، هٿان چونڊيل نمائندا پڻ هتان گذرن ٿا پر ڪو به هن اهم مسئلي تي توجهه نه ٿو ڏئي، هنن چيو ته ڪيڊيٽ ڪاليج سميت ڪافي اسڪول آھن هن پل تان شاگردن جو گذر ٿئي ٿو، اسان ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيا آھن پر ڪير به نوٽيس نه پيو وٺي، هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه،بلاول ڀٽو زرداري کي اپيل ڪئي آھي ته ٽٽل پل تعمير ڪرائي ڏني وڃي،جيئن حادثن کان اسان بچي سگهون.