پيارو اسٽيشن( ن پ ا ) پيارو اسٽيشن جا شهري صاف پاڻي ۽ ريلوي سروس کان محروم آهن. ان ڏس ۾ شهرين سيد عامر شاھ، علي گل ابڙو، امداد چنو، نياز چانڊيو، اجمل برهماڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ گذريل پنجن سالن کان شهر جي پنج لک بجيٽ اچي ٿي پر خبر ناهي ڪٿي خرچ ڪئي وڃي ٿي جڏھن تہ شهر اندر گندگي جا ڍير لڳل آهي پر يوسي انتظاميان طرفان شهر جي صفائي جي لاء هڪ بہ سئيپر مقرر نہ ڪيو آهي، جنهن جي ڪري اسان پاڻ صفائي ڪرڻ تي مجبور آهيون، هنن وڌيڪ چيو تہ اسان اهڙي شڪايت يوسي انتظاميان ۽ ضلعي انتظاميان کي بار بار ڪئي آهي پر هو اسان جي هڪ نہ ٿا ٻڌن صفائي جو عملو مقرر ڪري ڏنو سالن کان شهر اندر پيل ڪچري جي صفائي ڪرائي ڏني وڃي تہ جيئن شهري اسان سڪون واري زندگي گذاري سگهون. ٻئي پاسي  سيتاسرجڻھار فورم جي سڏ تي شھرين  پيارو اسٽيشن ريلوي پليٽ فارم تي علامتي بک ھڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو مشھورميمڻ ،طارق حسين آرائين، منير احمد سمون ،احمد علي چاڻڊيو،محمد علي قريشي ۽ ٻين چيو ته ريل گاڏيون بند هئڻ ڪري اسين مسافر ڪوچن ۾ ڌڪا کائي مهانگا ڀاڙا ڀري رهيا آھيون، ريلوي جي وفاقي وزير سميت وس وارن کان مطالبو آهي ته  روهڙي، لاڙڪاڻو، ڪوٽڙي، ٽريڪ تي مسافر ريل گاڏيون هلائي غريب عوام کي سفري سهولتون ڏنيون وڃن.