جهڏو (ن پ ا) جهڏو ۾ ٽائيم نيوز جي ڪيمرا مين ۽ سوشل ورڪر عبدالرحمان جروار تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف شهر جي مختلف سياسي سماجي، صحافتي تنظيمن عوامي تحريڪ، جسقم، قومي عوامي تحريڪ، شيعا علماءِ ڪائونسل، پاڪستان ڪولهي اتحاد، واپاري ايسوسيئيشن ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اياز کوسو، مهراڻ درس، نياز کوسو، شاهد ڪلوئي، نديم نواب، علي احمد رند، بشير رحماني، گيانچند ڪولهي، خليل آرائين، عاطف لطيف، آفتاب ميمڻ ۽ ٻين چيو ته جهڏو ۾ فحاشي جا اڏا ۽ سماجي برايون چوٽ چڙهيل آهن، فحاشي جو اڏو هلائيندڙ عورت جي فرياد تي جهڏو پوليس صحافي عبدالرحمان جروار تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي صحافي تي داخل ڪيس ختم ڪري فحاشي جا اڏا بند ڪرايا وڃن.