اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري واسي رٽائرڊ استاد محمد ساجن شر پريس ڪلب پهچي الزام هڻندي چيو ته رٽائرمينٽ بعد عمر 72 سال ٿيڻ بعد پينشن جي انڪريمينٽ لڳرائڻ لاءِ اڪري واسي وهاب کنڊ کي انڪريمينٽون لڳرائڻ لاءِ ايڊوانس 15 هزار ڏنا ۽ بعد ۾ ٻيا پئسا به ڪم ڪرائڻ لاءِ وٺي ويو 6 مهينا گذري ويا آهن پر ڪم ناهي ٿيو، مون سميت 4 ماڻهو ٻيا به آهن جن کان پڻ پئسا وٺي غائب ٿي ويو آهي. ڪم جي آسري وياج تي پئسا کڻي ڏنا ڪم ته نه ٿيو پر الٽو 75 هزار جا وياجين جا قرضي بڻجي ويا آهيون، روز قرضي در تي اچي تنگ ڪن ٿا.هن چيو ته ضعيفي عمر سبب اٿڻ ويهڻ کان لاچار آهيون پر ٺڳ اسان جي عمر جو به خيال نه ڪيو اسان سان ٺڳي ڪري اسان کي ذليل ڪري ڇڏيو آهي.