کهڙا (ن پ ا) کهڙا ۾ ڳوٺ فيضل مهر جي رهواسي عورتن ۽ مردن پاڪ ڪتاب کڻي لعل بخش عرف داد شيخ کي ڪوٽڏيجي پوليس پاران گرفتار ڪري ناري روبينا اڄڻ جي قتل ڪيس ۾نامزد ڪرڻ خلاف مسمات حسنا شيخ، جمن خاتون، مائي نثار خاتون ، مسمات حميده شيخ، رستم شيخ، گلشن شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪوٽڏيجي پوليس درگاھ ڪٽڪپال جي فقيرياڻي شهزادي شيخ جي چوڻ تي روبينا اڄڻ جي ڪيس ۾ لعل بخش عرف داد شيخ کي بيگناھ گرفتار ڪري قتل ڪيس ۾نامزد ڪيو ويو آهي، اسان جو ناري قتل ڪيس سان ڪوئي واسطو ناهي ، هنن چيو ته اسان ناري روبينا اڄڻ جي وارثن وٽ پاڪ ڪتاب کڻي نياڻيون ميڙ وٺي ويا هئاسين ۽ کين پاڪ ڪتاب تي يقين ڏياريو هو ته اسان جو همراهه لعل بخش شيخ ناري جي قتل ۾ملوث ناهي ناري جي وارثن چيو ته اسان لعل بخش جو نالو پوليس کي ناھي ڏنو فقيرياڻي شهزادي شيخ ۽ سندس پٽ بابر جيڪو قتل ڪيس ۾ مک جوابدار آهي انهن لعل بخش جو نالو پوليس کي ڏنو آهي.