مٽياري (رپورٽر ) مٽياري ضلعي ۾ غير معياري ۽ پائوڊر واور کير وڪرو ٿيڻ لڳو آهي، جنهن ڪري رهواسي پريشان ٿي ويا آهن پر انتظاميا عدالتي حڪم تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، ان ڏس ۾ ضلعي جي مختلف شهرن ۽ علائقن ۾ پابندي باوجوده ڊيرين تي صحت لاءِ هاڃيڪار پائوڊر وارو کير سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي، ڊيرين تي پائوڊر واري کير جي وڪري کي روڪڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن. شهري پيٽ سميت ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. شهرين جو چوڻ آهي ته کير جي نالي تي زهر وڪرو ڪيو پيو وڃي فوري طور تي انتظاميا زهر وڪرو وڪڻدڙ دڪاندارن خلاف ڪارروائي ڪري ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو. شهرين صديق جهيجو، ممتاز، شهزاد ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ڪجهه عرصو اڳ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران پائوڊر واري کير جي وڪري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي پر مقامي انتظاميا ان تي عمل ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي.