شھدادڪوٽ (رپورٽر) شهدادڪوٽ ۾ بدامني خلاف سوين ماڻهن احتجاجي مارچ ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي نٽھڻ اس ۾ 8 ڪلاڪ ڌرڻو ھنيو، جنهن ڪري ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ بلوچستان ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ذوالفقار سيلرو، پير بخش ڀٽي، انيل ڪمار، محبوب گل ۽ ٻين الزام هنيو ته ايس ايڇ او چورن جو ساٿاري بڻيل آهي، جنهن ڪري علائقي ۾ بدامني وڌي وئي آهي، هنن چيو ته پوليس ڏوهارين خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته بدامني تي ضابطو نه آندو ويو ته خميس ڏينهن شھر ۾ ڪاروبار بند ڪري مڪمل ھڙتال ڪئي ويندي. ھوڏانھن شھرين جي احتجاج جو ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ نوٽيس وٺندي اڳواڻن کي اڄ آفيس گهرائي ورتو آهي.