مٺياڻي (ن پ ا) مٺياڻي ۾ شهرين پاران 8 ڏينهن کان بجلي بحال نه ٿيڻ ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ خلاف ريلي ڪڍي شهر جي مين چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي حبيب الله مشوري، وڪيل يامين چانڊيو، محمد بچل ڪلر ۽ ٻين دانهيندي چيو ته 8 ڏينهن اڳ شهر ۽ ڀرپاسي مٽي جي طوفان سبب بجلي جا پول ڪري پيا هئا پر شڪايتن باوجود حيسڪو عملدارن ڪريل ٿنڀن جي مرمت نه ڪرائي آهي، جنهن سبب بجلي کان محروم آهيون، هنن چيو ته بجلي بندش ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ سبب سخت پريشان آهيون، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، گئس نه هجڻ سبب ڪاٺيون ٻارڻ تي مجبور آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مسئلا حل ڪري انصاف ڪيو وڃي.