ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊومحمدخان جي ڳوٺ شادي ٻٻر جي رهواسين جو بااثر ماڻهن پاران زمين تي قبضو ڪري لاء حملا ڪري جان کان مارڻ وارين ڌمڪين خلاف محمد رفيق ٻٻر گل حسن ٻٻر محمد جافر فرحان علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٽنڊومحمدخان آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن دانهيندي چيو آهي ته اسان غريب مسڪين پورهيت آهيو ڳوٺ جا بااثر رمضان ٻٻر صادق ٻٻر پپو ٻٻر ۽ بناجواز اسان جي گهرن تي حملو ڪري اسان کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ڌمڪيون ڏنيون آهن زمين ۽ ڳوٺ حالي وڃڻ جون ڌمڪيون ڏنيو آهن. هنن چيو اسان غريب مسڪين آهيون پوليس به ٻڌڻ لاء تيار نه آهي هنن اعلي اختيارين کان انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.