فريدآباد (ن پ ا) 13مھينن کان جبري طور کنڀي گُم ڪيل ڪاڇي واسي ظفر چانڊيو آزاد نه ٿي سگهيو، نوجوان جي آزاديءَ لاءِ سندس وارثن ڀاءُ ذاڪر چانڊيو، علي چانڊيو ،منصور ۽ ٻين 171ھين ڏينهن به بُک هڙتال جاري رکيو ويو. هنن چيو ته ظفر چانڊيو کي بيگناھ 13 مهينن کان کنڀي گُم ڪيو ويو آهي. سندس جي آزاديءَ لاءِ اسين وارث 5 مهينن کان سراپا احتجاج بڻيل آهيون پر اسان جي احتجاج جو ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي هنن وڌيڪ چيو ته اسان جو نوجوان ظفر چانڊيو بيگناھ آهي ان باوجود به اگر اسان جي نوجوان تي ڪي به چارجز يا ڪيس وغيره آهن ته کيس قانون مطابق ڪورٽن ۾ پيش ڪري کيس ظاهر ڪري اسان وارثن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس آف سنڌ، چيف آف آرمي اسٽاف، انساني حقن جي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته بيگناھ اسان جي کنڀيل نوجوان ظفر چانڊيو کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ظفر نوجوان جي آزاديءَ تائين پُر امن جدوجهد جاري رهندي.