اُهو ڪير آهي جيڪو هر چئن سالن بعد مونکي عوام کان پري ڪندو آهي: نواز شريف

0
175

لاهور: مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته مونکي جيلن ۾ بند ڪيو ويو، جلا وطن ڪيو ويو، عوام کان پري رکيو ويو پر ڪڏهن به نواز شريف عوام سان غداري نه ڪئي ۽ نه وري ڪڏهن عوام نواز شريف سان بيوفائي ڪئي

لاهور ۾ جلسي کي خطاب دوران نواز شريف چيو آهي ته مون ملڪ ۾ ايٽمي ڌماڪا ڪيا، بجلي اسان مهانگي ناهي ڪئي، اسان بجلي سستي ڪئي، مان پراڻو بل کڻي آيو آهيان

جلسي کي خطاب دوران نواز شريف عوام طرفان پيار جي اظهار جو جواب به ڏنو، نواز شريف ته مون ڏاڍا ڏک ڏٺا، جن کي ياد نٿو ڪرڻ چاهيان، پر ڪجهه اهڙا ڏک به هوندا آهن ته جن کي وساري نٿو سگهجي پر انهن کي وقتي طور سائيڊ تي رکي سگهجي ٿو

نواز شريف جي واپسي پاڪستان جي خوشحالي جي ضمانت آهي: شهباز شريف

اُن کان اڳ اڳوڻي وزير اعظم شهباز شريف چيو ته نواز شريف جي واپسي پاڪستان جي خوشحالي جي ضمانت آهي، نواز شريف واپس اچي ويو ۽ هاڻ ملڪ ترقي ڪندو

شهباز شريف چيو ته نواز شريف ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، ڀارت سميت سموري دنيا نواز شريف جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو

هن کي به پڙهندا

نواز شريف 4 سالن کانپوءِ وطن واپس پهچي ويو ، جلسي جون تياريون مڪمل

نواز شريف 4 سالن کانپوءِ وطن واپسيءَ لاءِ دبئي ايئرپورٽ تان خصوصي اڏام ذريعي پاڪستان لاءِ روانو

نواز شريف جي وطن واپسيءَ جي موقعي تي لاهور جي اقبال پارڪ ۾ نون ليگ پاران جلسي جون تياريون جاري

مريم نواز جلسي ۾ نواز شريف لاءِ روئي ڏنو

نواز شريف جي دبئي ۾ عرب حڪمران سان فيصلائتي ملاقات، 4 ورهين بعد اڄ وطن واپسي، تاريخي استقبال ڪنداسين: شهباز