مريم نواز جلسي ۾ نواز شريف لاءِ روئي ڏنو

0
152
مريم نواز جلسي ۾ نواز شريف لاءِ روئي ڏنو
مريم نواز جلسي ۾ نواز شريف لاءِ روئي ڏنو

مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف پنهنجي ڌرتي ۽ عوام ڏانهن واپس اچي ويو آهي، مينار پاڪستان گرائونڊ ليگي شينهن لاءِ ننڍو ٿي ويو آهي، جيڪي چوندا هئا ته نواز شريف جي سياست ختم ٿي وئي آهي، اهي نواز شريف جو شان ڏسن

مينار پاڪستان تي جلسي کي خطاب ڪندي مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو ته نواز شريف جو استقبال ڪندڙن جي ٿورائتي آهيان، عزت ۽ ذلت ڏيڻ واري الله جي ذات آهي، نواز شريف کي الله عزت ڏني آهي

مريم نواز چيو ته نوازشريف پنهنجي مٽي ۽ پنهنجي قوم ڏانهن واپس آيو، جن چيو ته نواز شريف جي سياست ختم ٿي وئي آهي، اهي گهرن جي اسڪرين تي نواز شريف جي شان کي ضرور ڏسندا، نواز شريف کي ڪيرائڻ وارا ڪيترا آيا ۽ ڪيترا ويا، الله جنهن کي عزت ڏئي، ان کي ڪير به ڪجهه نٿو ڪري سگهي

مريم نواز جلسي گاهه ۾ خطاب دوران جڏهن نواز شريف جو هيليڪاپٽر ڏٺو ۽ اُنهن کي جهاز تان لهندي ڏٺو ته لڙڪ لاڙي وٺي

هن کي به پڙهندا

نواز شريف 4 سالن کانپوءِ وطن واپس پهچي ويو ، جلسي جون تياريون مڪمل

نواز شريف جي وطن واپسيءَ جي موقعي تي لاهور جي اقبال پارڪ ۾ نون ليگ پاران جلسي جون تياريون جاري

نواز شريف 4 سالن کانپوءِ وطن واپسيءَ لاءِ دبئي ايئرپورٽ تان خصوصي اڏام ذريعي پاڪستان لاءِ روانو

نواز شريف جي دبئي ۾ عرب حڪمران سان فيصلائتي ملاقات، 4 ورهين بعد اڄ وطن واپسي، تاريخي استقبال ڪنداسين: شهباز