نواز شريف 4 سالن کانپوءِ وطن واپس پهچي ويو ، جلسي جون تياريون مڪمل

0
172

اسلام آباد، لاهور: نواز شريف 4 سالن کانپوءِ وطن واپس پهچي ويو، نوازشريف دبئي ايئرپورٽ تان 170 مسافرن سان گڏ خصوصي جهاز ”اُميدِ پاڪستان“ ذريعي اسلام آباد پهتو

نواز شريف ايئرپورٽ تي ئي اعظم نذير تارڙ ۽ اسحاق ڊار سميت پنهنجي ليگل ٽيم سان ملاقات ڪئي

نوازشريف ليگل ٽيم سان ملاقات دوران العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ پنهنجيون اپيلون بحال ڪرڻ جي درخواست تي صحيحون ڪيون

نواز شريف ليگل ٽيم سان گڏجاڻي بعد خصوصي اڏام ذريعي لاهور روانو ٿي رهيو آهي

وطن روانگي کان اڳ دبئي ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهائيندي نوازشريف چيو ته اسان 28 مئي وارا آهيون 9 مئي وارا نه آهيون، اسان انصاف چاهيون ٿا، اڳ به چيو هو ته سڀ الله تي ڇڏيو آهي، هاڻي به الله تي ڇڏيان ٿو

نواز شريف جي وطن واپسيءَ: لاهور ۾ جلسي جو پنڊال تيار

نواز شريف جي وطن واپسيءَ جي موقعي تي نون ليگ لاهور جي اقبال پارڪ ۾ جلسي جو پنڊال سجائي ورتو

نون ليگ جو چوڻ آهي ته اقبال پارڪ جي مينار پاڪستان گرائونڊ ۾ 40 هزار ڪرسيون لڳايون ويون آهن

گرائونڊ ۾ لائيٽس ۽ ميوزڪ کانسواءِ وڏيون اسڪرينز لڳائڻ وارو ڪم مڪمل ڪيو ويو

منهنجي زندگيءَ جو اڄ سڀ کان وڏو ڏينهن آهي: مريم

مريم نواز ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو آهي ته منهنجي زندگيءَ جو اڄ شايد سڀ کان وڏو ڏينهن آهي، نوازشريف جيڪي عروج ڏٺا اهي شايد ڪنهن جي به حصي ۾ نه آيا هوندا، پاڪستان اڄ نواز شريف جو هڪ ٻيو عروج ڏسڻ پيو وڃي