جيڪب آباد ويجهو 45 اڳ مبينا زيادتي بعد قتل ڪيل نينگري حسينا کوسو جي قبرڪشائي لاءِ ميڊيڪل بورڊ جي ٽيم پهچي وئي

چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي ايڊيشنل ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ محمد يوسف ڏيپر جي اڳواڻيءَ ۾ ٽيم پهتي

ٽيم ۾ پوليس سرجن عبدالقيوم، پيٿالاجسٽ ڊاڪٽر محمد واصف، سينيئر وومن ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر غزاله ۽ ڊاڪٽر محمد رفيق شامل آهن

جڊيشل ماجسٽريٽ جي نگراني ۾ قبرڪشائي ڪري نينگري جي جسم مان جزا ورتا ويندا، ڊاڪٽر عبدالقيوم راڄپر جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل بورڊ جو ڪم رڳو موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ آهي، زيادتي جي تصديق بابت جزا وٺڻ لاءِ نه چيو ويو آهي