نواز شريف 4 سالن کانپوءِ وطن واپسيءَ لاءِ دبئي ايئرپورٽ تان خصوصي اڏام ذريعي پاڪستان لاءِ روانو

0
110

نواز شريف جو ”اُميدِ پاڪستان“ نالي خصوصي جهاز دبئي ايئرپورٽ تان 10 لڳي 42 منٽن تي پاڪستان لاءِ روانو ٿيو، نوازشريف سان گڏ 148 مسافر به جهاز ۾ موجود

دبئي ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهائيندي نوازشريف چيو ته اسان 28 مئي وارا آهيون 9 مئي وارا نه آهيون، اسان انصاف چاهيون ٿا، اڳ به چيو هو ته سڀ الله تي ڇڏيو آهي، هاڻي به الله تي ڇڏيان ٿو، منهنجي ڌيءَ وزير يا صلاحڪار به نه هئي، پوءِ به کيس پڪڙيو ويو، آخرڪار ڪلين چٽ ملي وئي جيڪا ملڻ به گهرجي ها

نواز شريف جو خصوصي جهاز 3 ڪلاڪن جي فضائي سفر بعد اسلام آباد ۾ لينڊنگ ڪندو، اسلام آباد ۾ هڪ ڪلاڪ تائين ترسڻ بعد نواز شريف خصوصي اڏام ذريعي لاهور روانو ٿي ويندو

هن کي به پڙهندا

نواز شريف جي دبئي ۾ عرب حڪمران سان فيصلائتي ملاقات، 4 ورهين بعد اڄ وطن واپسي، تاريخي استقبال ڪنداسين: شهباز