نواز شريف جي دبئي ۾ عرب حڪمران سان فيصلائتي ملاقات، 4 ورهين بعد اڄ وطن واپسي، تاريخي استقبال ڪنداسين: شهباز

0
149
نواز شريف جي دبئي ۾ عرب حڪمران سان فيصلائتي ملاقات، 4 ورهين بعد اڄ وطن واپسي، تاريخي استقبال ڪنداسين: شهباز شريف
نواز شريف جي دبئي ۾ عرب حڪمران سان فيصلائتي ملاقات، 4 ورهين بعد اڄ وطن واپسي، تاريخي استقبال ڪنداسين: شهباز شريف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻو وزيراعظم  نواز شريف تقريبن 4 سالن بعد اڄ وطن واپس پهچي رهيو آهي، ان کان اڳ دبئي ۾ امارات جي اهم شخصيت سان ملاقات ڪئي، نواز کي خاص جهاز ۾ اچڻ جي اجازت، ڀرپور استقبال لاءِ تياريون مڪمل

قافلا لاهور پهچي ويا، شهباز شريف چيو آهي ته مينار پاڪستان تي ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو ٿيندو. تفصيل موجب  اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي لڳ ڀڳ چار سالن بعد اڄ وطن واپسي ٿي رهي آهي، خصوصي جهاز ايف زيڊ 4525 ذريعي دبئي کان پاڪستان پهچندو

شيڊول مطابق جهاز پاڪستاني وقت مطابق صبح جو ساڍي نائين وڳي دبئي مان اڏام ڪندو ۽ ساڍي 12 وڳي اسلام آباد ايئرپورٽ تي لينڊ ڪندو، خصوصي جهاز کي اين او سي جاري ڪئي وئي آهي، مطابق سول ايوي ايشن اٿارٽي جهاز کي اسلام آباد ۽ لاهور ايئرپورٽ لينڊ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي

نواز شريف جي واپسي لاءِ بوئنگ 737-800 ۾ پاڪستان ايندو. پارٽي ذريعن مطابق ميان محمد نواز شريف اسلام آباد ايئرپورٽ تي ڪجهه دير قيام ڪندو، تقريبن هڪ ڪلاڪ ترسندو ۽ اهم پارٽي اڳوڻن سان مشاورت کان پوءِ جهاز اڍائي وڳي لاهور روانو ٿيندو. هوڏانهن نواز شريف ڏيهه واپسي کان اڳ اڄ دبئي ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو

ڪالهه اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف اسحاق ڊار جي پٽن جي گهر تي دبئي حڪومت جي اعليٰ شخصيت سان ملاقات ڪئي جيڪا اٽڪل اڌ ڪلاڪ تائين جاري رهي، ان دوران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري سميت گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي

ذريعن موجب نواز شريف سان اڄ مختلف وفدن جي ملاقات به طئي آهي، نواز شريف سان گڏ پاڪستان ايندڙ ليگي ڪارڪنن جو وڏو انگ دبئي پهچي ويو آهي

ٻئي پاسي نواز شريف جي پاڪستان واپسي جو وقت فائنل ٿي ويو آهي جنهن موجب اڳوڻي وزيراعظم جي اُڏام مقامي وقت موجب ٽرمنل ٽو تان نوَ وڳي رواني ٿيندي

ٻئي طرف  نواز شريف سان اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف جو فون تي رابطو ڪيو، سعودي عرب ۽ دبئي ۾ نواز شريف جي ملاقاتن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،

شهباز شريف چيو ته پاڪستان توهان جي آجيان لاءِ تيار آهي، لاهور ۾ مينار پاڪستان تي تاريخ جو سڀ کان جلسو ڪيو ويندو، نواز شريف جلسي کي خطاب ۾ اڳتي جي لائحه عمل جو اعلان ڪندو، جڏهن ته سنڌ سوڌو سڄي ملڪ مان قافلا لاهور پهچي ويا آهن ۽ جلسي لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن

هن کي به پڙهندا

نواز شريف 4 سالن کانپوءِ وطن واپسيءَ لاءِ دبئي ايئرپورٽ تان خصوصي اڏام ذريعي پاڪستان لاءِ روانو