ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون 150 رپيا سستو: ڊالر 279 رپين تي برقرار، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون  150 رپيا لاٿ سان 208500 مان 208350 رپيا تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 7 ڊالرن جي گهٽتائي سان 1992 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن  چاندي 2660، پائونڊ  346 ۽ يورو 298 رپين تي بيٺل رهيا.