لنڊن: (دلچسپ نيوز) گوگل طرفان اينڊرائيڊ ٽيبلٽس جي صارفين جي لاءِ هڪ جديد ايپليڪيشن متعارف ڪرائي پئي وڃي.انٽرٽينمينٽ اسپيس نالي هن ايپ جو ڪمال اهو هوندو ته صارفين کي انٽرٽينمينٽ جي حوالي سان ٻيون ايپليڪيشن ڊائون لوڊ ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي. ڇو ته هن ۾ هڪ ئي وقت دلچسپ پروگرام، وڊيو گيمز، فلمون ۽ ٻيو مواد ڏسڻ جي سهوليت موجود هوندي. انٽرٽينمينٽ اسپيس متعارف ڪرائڻ جو مقصد صارفين جي وقت کي بچائڻ ۽ هڪ ئي پليٽ فارم تي ڪيترو ئي مختلف مواد فراهم ڪرڻ آهي.آمريڪي انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪمپني ٽيڪ جائنٽ موجب اهڙا صارفين جيڪي اينڊرائيڊ ٽيب جو استعمال ڪري رهيا آهن انهن جي انگ ۾ گذريل سال جي مقابلي ۾ هن سال 30 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ايپليڪيشن تي سرچ بار سان گڏ واچ، گيمز ۽ ريڊ جو آپشن موجود آحي. واچ جي آپشن کان اوهان مختلف يو ٽيوب وڊيوز، فلمون ۽ پروگرام ڏسي سگهندو. اهڙي طرح گيمز جي سرچ بار تي وڃي اوهان بنا ڊائون لوڊ ڪرڻ جي پنهنجي من پسند گيم کيڏي سگهندو ۽ هتي اوهان کي بيشمار وڊيو گيمز جي ورائٽي ملندي.ٽيون ۽ آخري سيڪشن ان مانهن جي لاءِ آهي جيڪي پڙهڻ جا شوقين آهن. خيال ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ان ۾ صرف گوگل پلي باڪس کي ئي شامل ڪيو ويندو. گوگل موجب انٽرٽينمينٽ اسپيس نالي ايپليڪيشن هلندڙ سال جي آخر تائين سڄي دنيا جي اينڊرائيڊ ٽيبس جي لاءِ لانچ ڪئي ويندي جڏهن ته اڃان تائين تاريخ جو اعلان نه ڪيو ويو آهي.