شارجا (اسپورٽس نيوز) پاڪستان افغانستان کي ننهن چوٽيءَ جي مقابلي کانپوءِ هڪ وڪيٽ تان شڪست ڏئي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. سريلنڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ فائينل ميچ کيڏي ويندي، ڀارت ۽ افغانستان ٽورنامينٽ کان ٻاهر ٿي ويا. پاڪستان ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. افغانستان پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 129 رنز ٺاهيون. ابراهيم زدران 35 ۽ حضرت الله زئي 21 رنز ٺاهي نمايان رهيا. پاڪستان طرفان حارث رئوف 2، نسيم شاهه، محمد حسنين، محمد نواز ۽ شاداب خان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. پاڪستان 19.2 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ورتو. نسيم شاهه آخري اوور ۾ 2 ڇڪا هڻي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري. پاڪستان طرفان شاداب خان 36 ۽ افتخار احمد 30 رنز ٺاهي نمايان رهيا. افغانستان طرفان فضل الحق فاروقي ۽ فريد احمد 3-3 وڪيٽون ورتون، راشد خان 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.