پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ ٿاڻي تي سامان جي ورهاست دوران پوليس ۽ متاثرن ۾ چڪريون ٿي پيون. پوليس متاثرن مٿان هوائي فائرنگ ڪري ڳوڙها گئس جو استعمال ڪيو، جنهن بعد ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. جڏهن ته شهرين ۾ خوف پکڙجي ويو. ان سلسلي ۾ متاثرن جو چوڻ هو ته اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنگري ۽ مختيارڪار ڪنگري کاڌ خوراڪ جو سامان من پسند ماڻهن کي ڏئي رهيو هو ۽ متاثرن کي پري هٽايو پئي ويو. اسان ٻارڙن سميت بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهيون. جڏهن ته انتظاميا جو چوڻ آهي ته ٻوڏ متاثرن کي بچاءُ بندن تي کاڌ خوراڪ جو سامان ڊاٽسن ۾ موڪليو پيو وڃي. ماڻهن ڊاٽسن مان سامان ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ن دوران ماڻهن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ هوائي فائرنگ ڪري ڳوڙها گئس جو استعمال ڪيو آهي. ڪجهه ماڻهن کي گرفتار پڻ ڪري ورتو آهي. ٻئي طرف اطلاع آهن ته ڳوڙها گئس سبب عورتن سميت ڪجهه ماڻهو بيهوش ٿي ويا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.