ملير(رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ حليم عادل شيخ ملير جي عدالت ۾ پيش: اينٽي انڪروچمينٽ پوليس جي ريمانڊ بابت درخواست رد: ٻيهر جيل منتقل، ان ڏس ۾سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ کي ملير جي ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، اينٽي انڪروچمينٽ  پاران وڌيڪ رمانڊ جي درخواست ڪئي وئي، حليم عادل شيخ جي وڪيلن دليل ڏيندي چيو ته حليم عادل شيخ کي اينٽي انڪروچمينٽ پوليس حوالي ڪيو ويو ته کيس جعلي مقابلي ۾ مارڻ جو خدشو آهي، انهي ڪري سندس وڌيڪ جسماني رمانڊ نه ڏنو وڃي، عدالت اينٽي انڪروچمينٽ پوليس جي رمانڊ بابت ڏنل درخواست رد ڪندي حليم کي جيل منتقل ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو، ٻئي طرف حليم عادل شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هتي اچي خبر پئي ته ڪراچي ۾ هڪ هفتي اندر ڏوهارين  10 شهرين  کي قتل ڪيو آهي، جڏهن ته 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، هن چيو ته پوليس ُ ڦورو گرفتار ڪرڻ بجاءِ  سموريون سي سي ٽي وي ڪيميرائون منهنجي پويان لڳائي ڇڏيون آهن،  بدامني ۾ واڌ سبب شهري غير محفوظ آهن، هن چيو ته آئون سنڌ جي ڳالهه ڪندو آهيان،  سنڌ حڪومت کي مون مان ڪهڙو خطرو آهي؟