اوٻاوڙو: ڏھرڪي جي ھندو ناري مسلمان ٿي پيار پرڻو ڪري ڇڏيو

0
657
ھندو ناري مسلمان ٿي

اوٻاوڙو(ن پ ا) ڏھرڪي جي رھواسڻ ھندو ناري مسڪان جيسواني ڌي اجيت ڪمار جيسواني اسلام مان متاثر ٿي پير آف ڀرچونڊي ميان جاويد احمد قادري جي رھائش گاھ درگاهه عاليه ڀرچونڊي شريف پھچي پنهنجو مذهب مٽائي ڪلمو پڙهي اسلام قبول ڪري ورتو .

سندس اسلامي  نالو مسڪان فاطمه رکيو ويو آهي، ان موقعي تي مسڪان فاطمه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون تي ڪنهن به قسم جو ڪو به دٻاءُ ناهي.

هن چيو ته مان پنهنجي رضامندي ۽ خوشي سان ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي آهيان ۽ اوٻاوڙو واسي سھيل اختر ملڪ سان پنجاب جي شھر لياقت پور جي عدالت ۾ پيش ٿي پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو آھي.

 

ھي به پڙھندا

 

ڪنري ۾ پيار پرڻو ڪندڙ جوڙو دربدر، تحفظ لاءِ دانھون