صدرجي ڀٽيون : ساهرن جي ظلمن کان تنگ ٿي پيءَ جي گهر پهتل ناري تي حملو

0
283
ساهرن جي ظلمن کان تنگ

صدرجي ڀٽيون (ن پ ا) صدرجي ڀٽيون ۾ مڙس ۽ سس جي مبينا ظلمن کان تنگ ٿي پي جي گهر پهتل ناري مٿان مڙس ۽ ڏير تشدد ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

ناري سميرا رند  جو چوڻ آهي ته  9 مهينا اڳ عامر وسطڙو سان شادي ٿي هئي، مڙس نشئي ۽ جواري هو تشدد ڪري سمورو ڏاج وڪرو ڪري ڇڏيو .

هن چيو ته جوا ۾ هارائڻ بعد غير ماڻهو وٺي غلط ڪمن لاءِ تنگ ڪندو هو، سس به تشدد ڪندي هئي

سميرا رند جو چوڻ آهي ته ظلمن کان تنگ ٿي پي جي گهر آيس ته مڙس عامر ۽ ڏير شاهد وسطڙو نامعلوم ماڻهو هٿيارن سان وٺي حملو ڪري تشدد ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي

هن ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مڙس ۽ ڏير خلاف ڪاروائي ڪري کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

ھي به پڙھندا

اوٻاوڙو: ڏھرڪي جي ھندو ناري مسلمان ٿي پيار پرڻو ڪري ڇڏيو