ڪنري ۾ پيار پرڻو ڪندڙ جوڙو دربدر، تحفظ لاءِ دانھون

0
357
پيار پرڻو ڪندڙ جوڙو دربدر

ڪنري(ن پ ا) ڪنري ۾ پيار پرڻو ڪندڙ جوڙو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، صحافين وٽ پھچي تحفظ لاءِ دانهون ڪيون.

اوڪراڙو پنھور واسي ناري ريما پنھور ۽ نوجوان اشرف پنھور ڪنري ۾ صحافين وٽ پھچي تحفظ لاءِ احتجاج ڪيو.

 ناري چيو ته ھن ست مھينا اڳ نوجوان اشرف سان نڪاح ڪيو، جنھن بعد سندس مائٽن ٻنھي ڄڻن کي راڄوڻي طريقي سان نڪاح ڪرڻ جو چئي واپسي وٺي آيا پر ھنن نڪاح نه ڪرايو ۽ طلاق لاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏئي ڇڏي.

 جنھن بعد مان ڪورٽ ۾ اشرف سان پيار پرڻو ڪرڻ جو بيان ڏنو، اشرف کي چاھيندي آھيان ۽ ھن سان رھڻ چاھيان ٿي، جنھن تان منھنجو ڀاءُ زاھد ۽ ٻيا اسان جا ويري ٿي ويا آھن، مون کي ۽ منھنجي مڙس کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن.

 پريمي نوجوان اشرف پنھور دانھيندي چيو ته ھن ريما سان نڪاح ڪيو ۽ ميرپورخاص جي ڪورٽ مان پسند جي شادي ڪئي، جنھن تان ريما جا ڀائر مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن، پوليس کي تحفظ جي درخواست ڏني پر پوليس ڪوبه تحرڪ نٿي وٺي.