اس کان بچائڻ لاءِ ماسڪ جهڙو انوکو چشمو تيار

0
256

ٽوڪيو(دلچسپ نيوز) اس کان بچائڻ لاءِ ماسڪ جهڙو انوکو چشمو تيار ڪيو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جاپاني ڪمپني شيشي جي تيز رنگن وارا انوکا چشما تيار ڪري ورتا آهن جن جي سوشل ميڊيا تي ڌوم مچي وئي آهي. چيو پيو وڃي ته انهن چشمن ۾ سج جي روشني داخل ٿيڻ کان بچاءُ لاءِ هڪ خاص مواد شامل ڪيو ويو آهي  جيڪو انهن کي انوکو بڻائي ٿو.

پولي ڪاربونيٽ پلاسٽڪ وارا چشما پوري چهري کي ڍڪين ٿا جڏهن ته ماڻهن جو چهرو سج جي الٽراوائليٽ شعاعن کان محفوظ رهي ٿو ، ان انوکي چشمي جي ڊيگهه 16.5 ۽ ويڪر 14.2 سينٽي ميٽرآهي، اهي چشما تيز گرمي سميت زبردست دٻاءُ کي به برداشت ڪن ٿا، انهن چشمن تي ٻاڦ جمع ٿي انهن کي ڌنڌلو به نٿي ڪري سگهي، واري ۽ مٽي به انهن جو ڪجهه نٿي بگاڙي سگهي جڏهن ته انهن جي سطح تي پاڻي جا قطرا، اسپري جا ڇنڊا، تيل ۽ دونهون به جمع نٿو ٿي سگهي

ٻئي طرف ڪمپني انتظاميا جو چوڻ آهي ته هاڻي ماڻهن کي گرمي کان بچڻ لاءِ ڪريم لڳائڻي نه پوندي ڇاڪاڻ ته اهي چشما نه رڳو ماڻهن کي گرمي جي تپش کان بچائيندا پر کين سن بلاڪ يا الٽرا وائليٽ شعاعن کان به بچائڻ ۾ وڏي مدد فراهم ڪندا. اهي چشما في الحال ايميزون جاپان جي ويب سائيٽ تي وڪري لاءِ دستياب آهن.