ايئرپورٽ ويجهو جهاز پل جي هيٺان دٻجي ڦاسي پيو

0
363

نئين دهلي(دلچسپ نيوز) ايئرپورٽ ويجهو جهاز پل جي هيٺان دٻجي ڦاسي پيو، وڊيو وائرل ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي جي ايئرپورٽ تي انوکو واقعو پيش آيو.

ڀارتي ڪمپني ايئر انڊيا جي هڪ جهاز کي ٽرڪ ذريعي ايئرپورٽ آندو پئي ويو ته ايئرپورٽ ويجهو ئي هڪ پل هيٺان گذارڻ دوران ڦاسي پيو اطلاع تي ريسڪيو عملي پهچي جهاز کي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. ايئر انڊيا ڪمپني جي ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته جهاز جي اوچائي وڌيڪ هئي انڪري هو پل ۾ دٻجي ويو، ٻئي طرف جهازجي پل هيٺان ڦاسڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي جنهن بعد صارفين ان تي دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.