کوسڪي (ن پ ا) کوسڪي رورل ھيلٿ سينٽر ٻن مهينن کان بند هجڻ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن پاران ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن عبدالستار ٻرڙو، عمران کوسو، ميان خان کوسو، ايوب ڀٽي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسپتال جي بندش سبب مريضن کي علاج ڪرائڻ ۾ ڏکيائيون آهن، هنن مطالبو ته مامري جو نوٽيس وٺي مسئلو حل ڪيو وڃي.