ڪنري: پراسرار نموني گم ٿيل عورت بيھوشي جي حالت ۾ ھٿ

0
192
پراسرار نموني گم ٿيل عورت

ڪنري(ن پ ا) ڪنري ڀرسان چار ڏينھن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل عورت بيھوشي جي حالت ۾ ملي جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

نبي سر ٿر مان چار ڏينھن اڳ پراسرار نموني پنھنجي گھر مان گم ٿيل عورت خاتون زال جاني ڪنڀار کي اڻڄاتل ماڻھو بيھوشي جي حالت ۾ ٽالھي ۾ ڇڏي ويا.

عورت جو چوڻ آهي ته چار ڏينھن اڳ 3 جوابدار مون کي پنھنجي گھر مان موٽرسائيڪلن تي زوري کڻي ويا ۽ نئون ڪوٽ ۾ رھايو.

هن چيو ته خبر ناهي ته اهي ڪير ھئا، جوابدارن سونا زيور به ڦري ورتا، پوليس دانھن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.

عورت جي وارثن احتجاج ڪندي چيو ته اسان غريب آھيون ان ڪري پوليس نوٽيس نٿي وٺي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.