اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو ڀرسان ڳوٺ الله يار چاچڙ ۾ عورت عائشه زال معشوق چاچڙ جو ڦاهو کاڌل گهر مان لاش هٿ آيو، مقامي ماڻهن جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال آندو، جتي ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري لاش ڏهرڪي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان حوالي سان پوليس ٻڌايو ته عورت جي چاچي حق نواز چاچڙ موجب عورت کي قتل ڪيو ويو آهي، عورت جي چاچي موجب عورت جو مڙس ۽ پيءُ ڪراچي رهندا آهن، جن کي اطلاع ڪيو آهي، پوليس ٻڌايو ته مامري جي جاچ ڪري رهيا آهيون، پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد وڌيڪ خبر پوندي، ٻي طرف اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد عورت جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، ٻي طرف علائقي ۾ چوٻول آهن، عورت آپگهات ڪيو آهي.