مورو (رپورٽ: وحيد مستوئي) مورو شھر جي ملڪ ڪالوني ۾ سڱاوتي تڪرار تان ھٿياربندن غلام رسول ٻگھيو جي گھر ۾ داخل ٿي گھر ڀاتين يرغمال بڻائي ونواهه ۾ ويٺل نوجوان ناري سونيا ٻگھيو کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي ويا. ان موقعي تي مزاحمت دوران ماڻھن فائرنگ ڪري ڏني جنھن سبب گھر ڌڻي مسمات خيرالنساءِ ٻگھيو، قائم الدين عرف پپن ولد محمد جمن ڀٽي گولي لڳڻ ۽ شھناز ڀٽي، غلام رضا ٻگھيو ھٿيارن جا ڪنداق لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا ۽ ھٿياربند ناري کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا. جڏھن ته مزاحمت دوران پاڙيسرين گلزار عرف دوني ٻگھيو ۽ لطف الله ٻگھيو کي سوگھو ڪري مارڪٽ ڪرڻ بعد پوليس حوالي ڪيو ۽ اھڙي رپورٽ مورو ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي. جڏھن ته زخمين کي مورو اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران طبي امداد ڏني وئي، ان موقعي تي مسمات خيرالنساءِ ٻگھيو ٻڌايو ته مون پنھنجي ٻن نياڻين جو رشتو ڀاڻيجن سان ڪيو ھو ۽ ھڪ نياڻي ورتي ھئي ڪجهه وقت گذرڻ بعد منھنجي نياڻي کي تڪليفون ڏنيون ويون جنھن تي مون ٻي نياڻي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته منھنجو نياڻو ميانداد ٻگھيو ڌمڪيون ڏيندو رھيو ۽ 15 کان مٿي ھٿياربند ماڻھن سان گڏ گھر تي حملو ڪري اسان تي تشدد ڪري منھنجي ونواهه ۾ ويٺل نياڻي سونيا ٻگھيو کي اغوا ڪري کڻي ويا آھن اسان کي خوف آھي ڪٿي ان کي ماري يا زبردستي نڪاح نه ڪري ڇڏين ڇاڪاڻ ته ھي ونواهه ۾ ويٺل ھئي ۽ رات خالد حسين ڀٽي سان شادي ٿيڻي ھئي. ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته گھر تي ھٿياربندن سان حملو ڪري اغوا ڪيل نياڻي سونيا ٻگھيو کي بازياب ڪرائي ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف سان گڏ تحفظ فراھم ڪيو وڃي.