سانگهڙ (رپورٽر) جھول ٿاڻي جي حد ڳوٺ شھيد فقير محمد رحيم مھر (فقير آباد)  جي رھواسي مشھور زميندار سانگھڙ مان شايع ٿيندڙ مقامي ٽه روزه اخبار الفقراء جي چيف ايڊيٽر فقير علي محمد مھر مٿان ڳوٺ واري اوطاق تي ٽن ھٿياربند جوابدارن پسٽلن سان فائرنگ ڪري مارڻ جي ڪوشش ڪئي، ڳوٺ وارن جي جوابي فائرنگ ۾ جوابدار فرار ٿي ويا. جڏھن ته فقير علي محمد مھر معجزاڻي طور بچي ويو. اھڙي اطلاع تي ايس ايچ او جھول پوليس اٽالن سان ڳوٺ شھيد محمد رحيم مھر ۾ متاثر وٽ پھچي کانئس معلومات ورتي جنهن بعد جوابدارن جا پيرا جاچڻ ۽  واردات وارو ھنڌ ڏسڻ بعد موٽي ويو. فقير علي محمد مھر ٻڌايو اسان جي ڪنھن سان ڪابه دشمني ڪانھي مون مٿان قاتلاڻو حملو ڪندڙ جوابدارن مان ھڪ کي مون سڃاتو آهي جيڪو جھول ٿاڻي تي نوڪري ڪندڙ صوبيدار اميد علي شر جو پٽ آفتاب شر آهي. جڏھن ته ٻين جوابدارن کي ڏسي سڃاڻي ويندس، جھول پوليس سندي پٽي ڀائي جي ونگار وهندي ڪيس داخل نه ٿي ڪري نه حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار ٿي ڪري جيڪا نا انصافي آهي انصاف ڪيو وڃي.